ٺلهه لکي غلام شاهه

ٺلهه لکي غلام شاهه

ٺلهه لکي غلام شاهه

ٺلهه لکي غلام شاهه: لکي غلام شاهه ، جنهن کي تازو شڪارپور ضلعي ۾ تعلقي جو درجو ڏنو ويو آهي . هي ٺلهه سکر- شڪارپور ۽ نئين ديري- سکر واري رستي جي ميلاپ واري هنڌ واقع آهي . هي ٺلهه سادين پڪين سرن مان ويلڻي ( Cylindrical ) شڪل جو ٺهيل آهي . ٺلهه هڪ ثقافتي دڙي تي ٺهيل آهي ۽ ان ۾ هڪ آرپار جارو دڙي جي سطح کان اڍائي فوٽ مٿي 1'-3"x1'-10" ٺهيل آهي جو يا ته اصلي آهي يا وري ڪنهن خزاني جي ڳولائو جي ڀڃ ڊاهه جو نتيجو آهي . دڙي تي هر طرف ٺڪراٺو پکڙيو پيو آهي جو ظاهر ڪري ٿو ته ٺلهه ڪنهن قديم ماڳ جي مٿان اڏيل آهي . دڙو اصل 15 کن فوٽ اوچو آهي ۽ ٺلهه پڪين سرن جي 140 بارن تائين بچيل هو . جنهن جي اوچائي لڳ ڀڳ 25 فوٽ جيتري هوندي . ٺلهه جو گهيرو 27'-6" جيترو آهي . جيڪڏهن ٺلهه اصل ۾ زمين تان اوساريل نه آهي يا ان جي بنياد ۾ ڪو پڪو ٿلهو ٺهيل نه آهي ته اهو ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿو . 1993ع تائين دڙي جي ٻاهران ويجهڙ ۾ ڪا حد دخلي نه هئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو